سجاول: وڏي وزير مراد علي شاهه جي پ پ تعلقي صدر اقبال ميمڻ جي رهائشگاهه تي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه
سجاول ( رپورٽ: سليم ملاح ) وڏي وزير ڳالهائيندي چيو ته اسان قيادت جي ھدايت تي عوام سان گڏ آھيون، اسان جي ڪوشش آھي ته برساتن ۾ ماڻھن ڪا تڪليف پيش نه اچي، ان لاءِ اسان ضلعي ۾ اھم اڳواڻن کي اھڙيون ذميواريون سنڀالڻ لاءِ ڏنيون آهن جيڪي ضلعي جي عوام سان پيش ايندڙ مسئلن تي تعاون ۾ ھوندا ۽ ضلعي عملدار پڻ پنھنجي ذميواري سرانجام ڏيندا ان لاءِ سجاول ضلعي لاءِ صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي کي فوڪل پرسن مقرر ڪيو ويو آھي جيڪو پنهنجي فرض تي پورو لھندو، جڏهن ته پ پ تعلقي صدر جي رهائشگاهه تي پهچڻ وقت وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي، ايم اين اي سيد اياز علي شاهه شيرازي ۽ ٻين استقبال ڪيو ان موقعي تي صوبائي وزير علي حسن زرداري، سيد ناصر شاهه، سعيد غني ۽ ٻيا پڻ موجود ھئا
