نوابشاهه: دوڙ واسي نوجوان بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت، ڪهرام متل
نوابشاهه (رپورٽ: منصب علي ) دوڙ لڳ ڳوٺ کوتڙي ۾ گهر اندر بورڊ مان بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب 35 سالا نوجوان محبوب وساڻ بيهوش ٿي ويو جنهن کي فوري طور دوڙ اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي هو فوت ٿي ويو، دوڙ اسپتال مان ضروري ڪاروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، اهڙو اطلاع ملڻ تي فوتي جي گهر ۾ ڪهرام متل آهي، علائقي ۾ سوڳ ڇائنجي ويو
