ميهڙ: عالمِ دين مفتي محمد عيسيٰ چنا جي چوٿين ورسي ملهائي وئي

WhatsApp Image 2024-08-28 at 19.03.23

ميهڙ ( رپورٽ: عبدالرحمان چانڊيو ) نامياري عالم دين مفتي محمد عيسيٰ چنا جي چوٿين ورسي مدرسه عزيزيه دارالعلوم ملھائي وئي، مدرسه عزيزيه دارلعلوم جي متولي حافظ مولوي شڪيل احمد چنا، جماعت اھلِ سنت امير سيد محمد شاهه، جامع مسجد جي خطيب علامه حافظ احمد ذھين مگسي، مولانا علي حسن حسيني، حافظ محمد نواز سولنگي، حافظ دلدار چانڊيو ۽ ٻين وڏي انگ ۾ گڏ ٿي مفتي محمد عيسيٰ چنا جي مزار تي گلن جو پتيون نڇاور ڪري فاتحه خواني ڪري دعا گھري ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته علامه مفتي محمد عيسيٰ چنا ميھڙ نه پر سڄي سنڌ ۾ ڄاتل سڃاتل شخصيت هو، سندس دين جي لاءِ ڪيل خدمتون وساري نه ٿيون سگھجن

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *