ڏهرڪي: اينٽي ڪرپشن ٽيم پاران نئين ٺهندڙ روڊ تي ڇاپو، ناقص مٽيريل استعمال ٿيڻ تي ٺيڪيدار خلاف ڪاروائي جو فيصلو
ڏهرڪي ( رپورٽ: عرفان جلباڻي ) اينٽي ڪرپشن ٽيم جي سرڪل آفيسر مقصود سومرو جي اڳواڻي ۾ ڏهرڪي جي نئين تعمير ٿيندڙ سانڪو روڊ تي ڇاپو هنيون ويو جتي روڊ ۾ ناقص مٽيريل استعمال ٿيڻ تي عملدارن سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي، ان موقعي تي اينٽي ڪرپشن ٽيم جي سرڪل آفيسر مقصود سومرو جو چوڻ هو ته رهواسين جي شڪايتن تي هتي پهتا آهيون اسان ڏٺو آهي ته روڊ ۾ ناقص مٽيريل استعمال ڪيو پيو وڃي، هن چيو ته روڊ تي پٿر به ناقص استعمال ڪيو پيو وڃي، روڊ مٿان واٽر ڪورس جون پليون نئين سر ٺاهڻ بجاءِ رپيئر ڪيون پيون وڃن جيڪي ڪجهه ئي وقت ۾ حادثي جو سبب بڻجي سگهن ٿيون، هن چيو ته ٺيڪيدار انور ڪلوڙ خلاف ڪاروائي عمل ۾ آندي ويندي
