چوھڙجمال:  پ پ اڳواڻ شوڪت ملڪاڻي پاران برساتي پاڻي نيڪال ڪرايو ويو

WhatsApp Image 2024-08-28 at 16.50.32_17ea5c72

چوهڙ جمالي ( رپورٽ: وقار ميمڻ )پ پ اڳواڻ حاجي شوڪت علي ملڪاڻي ٽائون آفيس ۾ ٽائون چئيرمين محمد عثمان ميمڻ سميت ڪائونسلرن سان گڏجاڻي بعد شھر جو دورو ڪري برساتي پاڻي نيڪال ڪرايو، ان موقعي تي پ پ ضلعي سجاول جي سرگرم اڳواڻ حاجي شوڪت علي ملڪاڻي ڳالهائيندي چيو  ته اسان  جي ڪوشش آھي ته شھر ۾ برساتي پاڻي جي نيڪال جا جوڳا قدم کڻي سگهون، جنھن لاءِ ٽائون چئيرمين، وائيس چئيرمين سميت ستن وارڊن جي ڪائونسلرن کي ھدايتون ڏنيون آھن ته پنھنجي پنھنجي وارڊن ۾ بيٺل برساتي پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي ۽ صفائي سٿرائي جو خيال رکيو وڃي رين ايمرجنسي ۾ پبلڪ ھليٿ ۽ ٽائون عملي سميت ڪنھن جي ڪا به غلفت برداشت نه ڪئي ويندي، هن چيو ته اسين شهرين کي رليف فراهم ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيا آهيون، ان موقعي تي ارسلان ميمڻ، مولوي منظور قادري ۽ ٻيا پڻ موجود هئا

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *