ٻانڌي ۾ جماعت اسلامي جي مرڪزي سڏ تي شٽربند هڙتال ڪئي وئي
ٻانڌي ( رپورٽ: منصب ڏاهري ) جماعت اسلامي جي مرڪزي هڙتال واري سڏ تي ٻانڌي ۾ مڪمل شٽربند هڙتال، ڪاروباري مرڪز بند رهيا، ملڪ ۾ بجلي بلن ۾ اضافي ٽيڪسن، تاجر دوست اسڪيم، آءِ پي پيز معاهدن سميت اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف ا جماعت اسلامي پاران ڏنل هڙتال واري سڏ تي ٻانڌي ۾ مڪمل طور شٽربند هڙتال ڪئي وئي، ھڙتال سبب شھر جا سمورا ڪاروباري مرڪز ۽ بازارون بند رهيا، هڙتال واري سڏ جي واپاري تنظيمن، انجمن تاجران سميت ٻين ننڍن وڏن دڪاندارن حمايت جو اعلان ڪندي پنهنجو ڪاروبار بند رکيو، جماعت اسلامي جي اڳواڻن طارق جاويد آرائين، ثاقب آرائين ۽ ٻين چيو ته حڪومت واپارين ۽ عوام کي رليف فراهم ڪرڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪي آهي بجلي، گئيس سميت ضرورت جي هر شئي تي ٽيڪس لڳايا ويا آهن جنهن سان مهانگائي وڌڻ سميت صنعتون ۽ ٻيو ڪاروبار متاثر ٿي ويو آهي، اڳواڻن گهر ڪئي ته وفاقي حڪومت فوري طور تي لڳايل ظالماڻو ٽئڪس ختم ڪري واپارين ۽ عوام کي رليف فراهم ڪري ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو
