ٺاروشاهه ڳوٺ رمضان ڏاهري وسي شاگرد ٻن ڏينهن کان پرسرار نموني لاپته وارث پريشان

WhatsApp Image 2024-08-27 at 22.04.03_92b87aac

ٺاروشاھه  ( رپورٽ: نصير ابڙو ) ڳوٺ محمد رمضان ڏاهري واسي شاگرد گذريل ٻن ڏينهن کان پراسرار نموني گم آهي، وارثن پاران اغوا جو شڪ ظاهر ڪيو ويو آهي، 13 ورهين جو شاگرد محمد ارسل لاپته ٿيڻ بعد وارثن پاران چڳولا باوجود نينگر جو ڪو ڏس پتو ناهي پيو ان سلسلي ۾ نينگر جي والد اياز ڏاهري جو چوڻ آهي ته سندس پٽ ٽيوشن کان واپس ڳوٺ آيو پئي جتان گم ٿي ويو آهي هن چيو ته نينگر جي ڳوٺ سميت مختلف هنڌن تي ڳولا ڪئي آهي پر ڪٿان به ڏس پتو ناهي پيو شڪ آهي ته کيس اغوا ڪيو ويو آهي هن ٻڌايو ته نينگر جي گمشدگي جي ٺاروشاھه ٿاڻي تي  اين سي داخل ڪرائي آهي پر پوليس ڪا به مدد ڪرڻ لاءِ تيار ناهي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *