سجاول: مون سون برساتن کي منهن ڏيڻ لاءِ وڏي وزير 30 ضلعن جا انچارج مقرر ڪري ڇڏيا
سجاول ( رپورٽ: سليم ملاح ) مون سون برساتن ۾ نظرثاني توڙي متحرڪ رھڻ لاءِ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه 30 ضلعن لاءِ انچارج مقرر ڪري ڇڏيا آھن ،جڏھن ته سجاول ضلعي لاءِ صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي، ٺٽي ضلعي لاءِ صوبائي وزير علي حسن زرداري، ضلعي بدين لاءِ صوبائي وزير سيد رياض شاهه شيرازي سميت ڪيترن ئي ضلعن ۾ انچارج مقرر ڪيا آهن، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران کين ھدايتون ڪيون ويون آھن ته امڪاني برسات ۾ ھو ضلع جي عوام جي مالڪي ڪن
