شاهپورجهانيان: دولتپور صفن قومي شاهراهه تي ڪار ۽ وين ۾ ٽڪر هڪ ڄڻو فوت 11 کان وڌيڪ زخمي
شاهپور جهانيان ( رپورٽ: اسد ٻگهيو ) دولتپورصفن جي بھادر پيٽرول پمپ سامھون قومي شاهراهه تي ڪار ۽ وين ۾ ٽڪر ٿي پيو، افسوسناڪ روڊ حادثي ۾ هڪ ڄڻو جعفر آباد واسي محمد قاسم رند موقعي تي فوت ٿي ويو، جڏهن ته 11 کان وڌيڪ مسافر زخمي ٿي پيا، فوتي ۽ زخمين کي پوليس پھچي اسپتال منتقل ڪيو، اھڙي حادثي جي خبر ٻڌي وڏي انگ ۾ شھري اسپتال پهتا، زخمين ۾ مورو واسي 20 ورھين جو عبدالحنان پٽ محمد سليم، منور علي پٽ غلام سرور بروھي، 25 سالا نديم پٽ محمد بخش رند، 10 ورھين جو شاھنواز پٽ علي نواز چانڊيو، 35 ورھين جو الياس پٽ مٺل چانڊيو، 30 ورھين جي مسمات رخسانه زال الياس چانڊيو، 50 ورھين جو سومر پٽ فتح محمد مستوئي ۽ ٻيا شامل آهن جڏهن 10 زخمين جي حالت نازڪ هئڻ تي کين نوابشاهه ريفر ڪيو ويو
