نوشهروفيروز: شهرين جو ميونسپل ۽ پبلڪ انتظاميه خلاف شهرين جو احتجاج

نوشهروفيروز: ( رپورٽر ذوالفقار تڳر ) احتجاج ۾ مختلف تنظيمن، دڪاندار شهرين ۽  وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي محمد يونس راڄپر، ارشاد عباسي، مختيار ڪلوڙ خان محمد سولنگي ۽ ٻين چيو ته گندي پاڻي سبب اسان جو ڪاروبار ٺپ ٿي ويو آھي شھر جا سڀئي علائقا برسات ۽ گندي پاڻي سان ڀريل آھن دڪانن سان گڏ گهرن ۾ پاڻي داخل ٿي چڪو آھي، مونسپل ڪاميٽي ۾ شهر جي صفائي ۽ سٿرائي جي لاءِ ايندڙ ڪروڙين روپين جي بجيٽ هڙپ ڪئي پئي وڃي، هنن چيو ته گدام ڪالوني، مٺياڻي روڊ، الله وارو چونڪ، ٺاروشاهه اسٽاپ،  اياز ڪالوني، سيال محلا، سنڌ ڪالوني، رياض ڪالوني، سميت شھر جا 16 ئي وارڊ ۽ آس پاس جا علائقا گندگي جي ور چڙهيل آهن وس وارا مامري جو نوٽيس وٺن

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *