نوشهروفيروز: واپڊه جي امڪاني نجڪاري خلاف ملازمن جو احتجاج

20240827_190334

نوشهروفیروز (رپورٽ: ذوالفقار تڳر ) واپڊا جي امڪاني نجڪاري خلاف سوين ملازمن احتجاج ڪيو آهي، ملازمن انجنئیر سیپڪو آفیس نوشهروفيروز کان اللّٰه واري چوڪ تائين ریلي ڪڍي ڌرڻو هنيو، اڳواڻن غلام فاروق ڪلهوڙو، يعقوب عالماڻي، لياقت مشوري، عبدالقيوم ڏيٿو ۽ ٻين چيو ته ڪافي وقت کان واپڊا جي نجڪاري جا اطلاع ٻڌي رهيا آهيون، اهڙا اطلاع اسان کان برداشت نه ٿا ٿين، واپڊه جي نجڪاري سان لکين ملازم بيروزگار ٿي ويندا، هنن وڌيڪ چيو ته 6 سيپٽمبر تي لاهور ۾ ملڪ گير ڪنوينشن ٿيندو جنهن ۾ هزارين پورهيت شريڪ ٿي ملازم دشمن پاليسين خلاف آواز بلند ڪندا

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *