ميرپورماٿيلو: مقتول عبدالقيوم حيدراڻي جي قاتلن جي گرفتاري ايس ايس پي آفيس آڏو ڌرڻو

WhatsApp Image 2024-08-27 at 17.48.04

ميرپورماٿيلو ( رپورٽ: عمر ڪورائي ) 24 ڏينهن اڳ قتل ٿيل نوجوان عبدالقيوم حيدراڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ وارثن جو ايس ايس پي گهوٽڪي جي آفيس اڳيان ڌرڻو، صحافي طفيل حيدراڻي جي سئوٽ مقتول عبدالقيوم حيدراڻي جا 23 ڏينهن گذري وڃڻ باوجود به قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف نعريبازي ڪئي وئي، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ميرپورماٿيلو پوليس جوابدار نورحسن حيدراڻي، خليل حيدراڻي، وحيد حيدراڻي، گل حسن حيدراڻي،حفيظ حيدراڻي، الياس حيدراڻي ۽ صدام حيدراڻي کي هن مهل تائين گرفتار ناهي ڪري سگهي، جڏهن ته ڪيس ۾ گهربل جوابدارن ۾ منظور حيدراڻي، نور حسن حيدراڻي، اصغر حيدراڻي کي پوليس هن مهل تائين گرفتار ناهي ڪري سگهي اسين مطالبو ڪريون ته ٿا ڄاڻايل جوابدارن کي فوري طور تي گرفتار ڪيو وڃي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *