مٽياري: واپڊه جي نجڪاري خلاف حيسڪو جي ملازمن جو احتجاج

57482fd1-be21-4e60-8b47-46c56632d127

مٽياري ( رپورٽ: ذوهيب ميمڻ ) واپڊا جي امڪاني نجڪاري خلاف واپڊا هائيڊرو يونين جي اڳواڻن ۽ ملازمن پاران آفيسن جي تالا بندي ڪري احتجاج رڪارڊ ڪرايو، ايڪسيئن آفيس کان پريس ڪلب مٽياري تائين پيادل مارچ ڪري ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي واپڊا هائيڊرو يونين مٽياري ڊويزن جي چيئرمين مولا بخش خاصخيلي، برڪت ڳاهوٽي، شهاب الدين خاصخيلي، حافظ آصف عمراڻي، عامر ميمڻ، سرفراز ميمڻ ٻين چيو ته حڪومت واپڊا جي نجڪاري جو ڊرامو رچائي رهي آهي، جيڪو اسان کي ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي ۽ اسان واپڊا جي نجڪاري ڪرڻ نه ڏينداسين، هنن مطالبو ڪيو ته حڪومت نوٽيس وٺي اسان سان انصاف ڪري نه ته ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *