ڪنڊيارو: واپڊه جي امڪاني نجڪاري خلاف ورڪرز يونين جي واپڊا ھائيڊرو اليڪٽرڪ سڏ تي احتجاج
ڪنڊيارو ( رپورٽ: عبدالوحيد چنا )ڪنڊيارو ۾ آل پاڪستان واپڊا ھائيڊرو اليڪٽرڪ ورڪرز يونين جي سڏ تي سيپڪو ملازمن پاران واپڊا جي امڪاني نجڪاري خلاف آفيس جي تالا بندي ڪري علامتي ڪم ڇڏ ھڙتال ڪئي، آفيس جي مک گيٽ تائين يونين جي اڳواڻن زاھد مهيسر، زاھد ملاح، غلام فريد چنا ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي احتجاجي مظاھرو ڪيو ۽ نعريبازي ڪئي. اڳواڻن چيو ته وفاقي حڪومت ھٿ سان وٺي واپڊا کاتي کي نجڪاري ڪري ملازمن کي بيروزگار ڪرڻ چاھي ٿي جيڪو ڪنھن صورت برداشت نه ڪيو ويندو هنن چيو ته ھڪ سازش تحت واپڊا جي نجڪاري ڪري لکين ملازمن کي درپدر ڪري سندن معاشي قتل عام ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن
