ڀٽ شاهه: ڳوٺ الياس پرهياڙ ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب عورت فوت 2 ٻارڙا زخمي
ڀٽ شاهه: ( رپورٽ: جمن چوهاڻ ) تيز طوفان ۽ بارش دوران ڀٽ شاه ڀرسان ڳوٺ الياس پرهياڙ ۾ گهر جي ڇت ڌماڪي سان ڪري پئي نتيجي ۾ اڪبر پرهياڙ جي امڙ مسمات سليمي زال ليمون پرهياڙ موقعي تي فوت ٿي وئي جڏهن ته 2 ٻارڙا مشتاق پرهياڙ ۽ افتخار پرهياڙ سخت زخمي ٿي پيا آهن، مٽياري ضلعي اندر تيز طوفان سبب ڪيترائي وڻ ۽ بجلي جا پول گهرن جون ڇتيون ۽ ڀتيون ڪري پيون آهن، جڏھن ته دڪانن ۽ قومي شاهراهه سميت لنڪ روڊن تي لڳل ڪيترائي سائين بورڊ پڻ اڏري ويا آهن، ضلعي جي سڀني ننڍن وڏن شهرن ۾ ڪٿي تيز ته ڪٿي هلڪي برسات جو سلسلو وقفي وقفي سان جاري آهي جنھن ڪري ھيٺانھين وارا علائقا پاڻي ھيٺ اچي ويا آهن ۽ مواصلاتي نظام پڻ ڊانواڊول بڻيل آهي
