وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران صحافي بچل گهڃون جي قتل جو نوٽيس
ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه رائونتي جي ڪچي ۾ خانگي ٽي وي چئنل جي رپورٽر صحافي بچل گهڃون جي قتل تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي، شهيد صحافي بچل گهڃون جي قاتلن کي فوري طور تي گرفتار ڪرڻ جي هدايت، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه آئي جي سنڌ کي هدايت ڪئي آهي ته گهوٽڪي جي ڪچي ۾ ڏوهارين خلاف آپريشن وڌيڪ تيز ڪيو وڃي، هن چيو ته آزاد صحافت تي يقين رکون ٿا، الله پاڪ شهيد صحافي بچل گهڃون جي وارثن کي صبر عطا ڪري
