رائونتي جي ڪچي ۾ صحافي بچل گهڃون جي قتل تي شرجيل انعام ميمڻ پاران مذمت
ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سينيئر وزير شرجيل ميمڻ پنهنجي بيان ۾ چيو ته بچل گهڃون جي وارثن سان تعذيت ڪيون ٿا، صحافي جو خون ضايع نه ٿيندو، هن چيو ته صحافي بچل گهڃون جو قتل افسوسناڪ واقعو ۽ آزاد صحافت تي حملو آهي، تشدد ذريعي صحافين جي آواز کي خاموش ڪرائڻ قبولڻ جوڳو ناهي،صحافي جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي جلد قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو، پيپلز پارٽي ۽ سنڌ حڪومت هن ڏکي گهڙي ۾ صحافي برادري سان گڏ آهي
