عثمان شاهه هڙي: برساتن جي اڳڪٿي باوجود ضلعي انتظاميه ڪي به قدم نه کنيا، ايلچي ٻيلو ۽ موراڻي ڍنڍ وٽان 30 کان وڌيڪ ڳوٺ ٻڏڻ جو خطرو

WhatsApp Image 2024-08-26 at 18.28.35_9db750b7

عثمان شاهه هڙي ( رپورٽ: اي جي عاقلاڻي ) برساتن جي اڳڪٿي باوجود ٽنڊوالهيار ضلعي انتظاميه ڪي به قدم ناهن کنيا جڏهن ته عثمان شاهه هڙي ڀرسان ايلچي ٻيلو ۽ موراڻي ڍنڍ وٽان 30 کان وڌيڪ ڳوٺ ٻڏڻ جو خطرو  وڌي ويو آهي، ان سلسلي ڳوٺاڻن قاسم پلي، گل پلي، غفور خاصخيلي ۽ ٻين دانهيون ته موسميات کاتي پاران برساتن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي ان باوجود حڪومت سنڌ ڪي به اپاءَ ناهن ورتا، جڏهن ته ايمرجنسي هوندي به برساتي پاڻي ايلچي ٻيلي ۽ موراڻي ڍنڍ ۾ ڇوڙ ڪيو پيو وڃي، جنهن ڪري اسان جا ڳوٺ سال 22 جي برساتن دوران پڻ متاثر ٿيا هئا جڏهن ته هاڻي به اسان جا ڳوٺ، ڳوٺ گل محمد پلي، راجا پلي، لقمان راڄڙ، جمون خاصخيلي، سميت ڪيترائي ڳوٺ متاثر ٿيڻ جو خطرو آهي پر هن وقت تائين ضلعي انتظاميه ٽنڊوالھيار سميت ڪو به چونڊيل نمائندو ناهي پهتو، ڳوٺاڻن وس وارن کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *