عمرڪوٽ: پٿورو ۾ پوليس جو مبينا مقابلو هڪ جوابدار زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

WhatsApp Image 2024-08-26 at 11.12.02_c938531e

عمرڪوٽ ( رپورٽ: جلال شر ) پٿورو پوليس مبينا مقابلي بعد هڪ  جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، جڏهن ته ٻه جوابدار فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن، پوليس جو چوڻ آهي ته زخمي حالت ۾ گرفتار جوابدار وٽان هڪ پسٽل ۽ گوليون برآمد ڪيون آهن، ايس ايڇ او عزيز راهمون جو چوڻ هو ته پٿورو پوليس جي فرياد تي پٿورو ٿاڻي تي زخمي حالت ۾ گرفتار جوابدار اصغر مهر، فرار ٿيل جوابدارن عمر دراز پٺاڻ ۽ عرس هاليپوٽو تي ڪيس داخل ڪيو ويو آھي، گرفتار جوابدار تي مختلف نوعيت جا 20 کان وڌيڪ ڪيس داخل ٿيل آهن، جڏهن هت گرفتار جوابدار کي علاج لاءِ حيدرآباد ريفر ڪيو ويو آهي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *