سکر جي فيڪٽريءَ ۾ ڪم ڪندڙ 3 پورهيت عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا

WhatsApp Image 2024-08-26 at 12.25.43_6885e5b5

( ويب ڊيسڪ ) سکر جي فيڪٽريءَ ۾ ڪم ڪندڙ 3 پورهيت عورتاڻي آواز تي هرکجي غوثپور جي ڪچي مان  اغوا ٿي ويا، ڌاڙيلن  ٽنهي پورهيتن کي اغوا ڪرڻ جي وڊيو به وائرل ڪري ڇڏي

وائرل ٿيل وڊيو ۾ ڌاڙيلن مغوي پورهيتن نادر جمالي، راشد ملڪ ۽ وحيد ملڪ جي وارثن کي 5  ڏينهن اندر ڀنگ ڏيڻ جي مهلت ڏئي ڇڏي

 ايس ايس پي سکر امجد شيخ  جو چوڻ آهي ته  نادر جمالي جو سکر جي علائقي بچل شاهه مياڻي ، راشد ۽ وحيد  ملڪ جو خيرپور سان تعلق آهي

 ٽئي ڄڻا سکر جي سائيٽ ايريا ۾ گيهه مل ۾ مزدوري ڪندا  هئا، کين عورتاڻي آواز تي هرکائي غوثپور گهرائي  اغوا ڪيو ويو، ڪشمور ۽ سکر پوليس گڏجي مغوين جي بازيابي لاءِ ڪوشش ڪري رهي آهي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *