شڪارپور: چهلم امام حسين عليه السلام جي موقعي تي پوليس پاران سڪيورٽي انتظام مڪمل

WhatsApp Image 2024-08-26 at 14.19.32_f5a043e8

شڪارپور ( رپورٽ: عاشق ڪلهوڙو ) 20 صفر 1446هه چهلم امام حسين عليه السلام جي موقعي تي شڪارپور پوليس پاران سڪيورٽي انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن، ضلعي اندر 1762 کان وڌيڪ پوليس آفيسر ۽ اھلڪار، سنڌ رينجرز ۽ پاڪ فوج جا ٽئي ٽئي سئو جوان،جهن ته 700 کان وڌيڪ والينٽيئر حفاظتي انتظام سرانجام ڏئي رھيا آھن، ايس ايس پي شڪارپور شاھزيب چاچڙ ٻڌايو ته شڪارپور ۾ جلوسن ۽ مجلسن جي سڪيورٽي لاءِ جامع سيڪيورٽي پلان جوڙيو ويو آهي. ڪربلا جي شھيدن جي چاليھي جي مناسبت سان  شڪارپور ضلعي اندر 30 جلوس برآمد ٿيندا جنھن مان 3 جلوس حساس ھوندا، 30 مجلسون منعقد ڪيون وينديون، جلوسن ۽ مجلسن جي سڪيورٽي لاءِ موجوده وسيلا ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي موثر استعمال سان بھترين انتظامن کي يقيني بڻايو پيو وڃي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *