نيو سعيد آباد: ڳوٺ ڀليڏنو ڪاڪا ۾ پاڻي جي موٽر مان ڪرنٽ لڳڻ سبب پ ٽ الف اڳواڻ جي گهرواري فوت
نيوسعيدآباد ( رپورٽ: محبوب ڪاڪا ) ڳوٺ ڀليڏنو ڪاڪا ۾ پاڻي جي موٽر مان بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب پرائمري استاد ۽ پ ٽ الف اڳواڻ بشير ڪاڪا جي گھرواري فوت ٿي وئي، وارثن جو چوڻ آهي ته پاڻي جو موٽر کولڻ دوران اسان جي عورت کي ڪرنٽ لڳو سندس دانھن تي گھر ڀاتين ۽ پاڙيوارن پھچي کيس تعلقا اسپتال آندو جتي هو فوت ٿي وئي ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو لاش گهر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو
