ميهڙ: پوليس جو مبينا مقابلو هڪ جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

WhatsApp Image 2024-08-26 at 13.34.57_755502a6

ميهڙ (رپورٽ: عبدالرحمان چانڊيو ) ايس ايس پي سعود مگسي جي ھدايتن تي ڏوھارين خلاف ڪاروايون جاري، بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ پوليس ۽ ڏوهارين ۾ مبينا مقابلو ٿيو هڪ جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي، ايس ايڇ او بي سيڪشن ميھڙ قربان قمبراڻي موجب پوليس موبائل گشت تي هئي ته گھاڙي روڊ تي هٿياربند پوليس پارٽي تي فائرنگ پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ ھڪ ڏوهاري کي زخمي حالت ۾ پسٽل سميت گرفتار ڪيو ويو آھي جڏھن ته 2 ڏوھاري فرار ٿي ويا آھن زخمي ڏوهاري کي طبي امداد جي لاءِ اسپتال آندو ويو جڏھن ته ڀڄي ويل 2 ڦورن جي گرفتاري لاءِ ناڪابندي ڪئي وئي آهي، گرفتار ڏوهاري جي سڃاڻپ ساجد ولد حسين بخش کوسو جي نالي طور ڪئي وئي آھي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *