ڏهرڪي ۾ ٽائون چيئرمين زاهر ڏهر ۽ ٽي ايم او مقصود جتوئي شهر جي ڀينگ ڪري ڇڏي، روڊ رستا، گهٽيون، علائقا ۽ محلا تباهي جي ور چڙهيل، درجن کان وڌيڪ ڪالونيون نظرانداز، مهانا ايندڙ بجيٽ تين وال ٿيڻ لڳي،
ڏهرڪي ( ويب ڊيسڪ ) ڏهرڪي ۾ ٽائون چيئرمين زاهد ڏهر ۽ ٽي ايم او مقصود جتوئي شهر جي مبينا طور ڀينگ ڪري ڇڏي آهي، شهر جي مختلف هنڌن تان هڪ درجن کان وڌيڪ مين هولن جا ڍڪڻ غائب آهن، جنهن سبب هزارين شهرين جون زندگيون داءُ تي لڳل آهن، جڏهن ته مصطفيٰ آباد ڪالوني، عظيم ڪالوني، مسلم ڪالوني، ليبر ڪالوني سميت ڪيترين ئي ڪالوني ۾ نقاصي جو سسٽم نه هئڻ ڪري رهواسي مشڪلاتن جو شڪار آهن، هوڏانهن ذريعن جو چوڻ آهي ته مهانا بجيٽ ٽائون چيئرمين زاهد ڏهر ۽ ٽي ايم او مقصود جتوئي جي ملي ڀڳت سان من پسند ۽ بااثر ماڻهن ۾ تقسيم ٿيڻ لڳي آهي جنهن سبب مسڪين ملازمن جي پگهارن مان ڪٽوتي ڪئي وڃي ٿي، هوڏانهن ذريعا اها به دعويٰ ڪن ٿا جنهن ملازم جي پگهار 30 هزار کان وڌيڪ آهي ان کي 15 هزار پگهار ڏني پئي وڃي، زريعن موجب پگهارن جي سموري ڪٽوتي اڳوڻي ايم پي اي کان ويندي مقامي صحافين ۽ بااثر ماڻهن تائين پهچائي پئي وڃي، جنهن سبب مسڪين ملازمن جي گهرن ۾ فاڪا وڌي ويا آهن، جڏهن ته شهرين جو چوڻ آهي ته شهر جي ڀينگ ڪندڙ ٽائون چيئرمين زاهد ڏهر ۽ ٽي ايم او مقصود جتوئي کي هٽائي شهرين جي مالڪي ڪندڙ ايماندار آفيسر مقرر ڪيا وڃن،
