سموري ملڪ ۾ ڪربلا جي شهيدن جو چهلم عقيدت ۽ احترام سان ملهايو پيو وڃي، موبائل فون سروس معطل

WhatsApp Image 2024-08-26 at 10.58.35_5c9048c4

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سموري ملڪ ۾ حضرت امام حسين عليه السلام ۽ سندس جانثارن پاران ڪربلا جي ميدان تي ڏنل لازوال قرباني جي ياد ۾ چهلم عقيدت ۽ احترام سان ملهايو پيو وڃي، ان سلسلي ۾ سنڌ حڪومت صوبي جي مختلف شهرن ۾ موبائل فون سروس بند ڪري ڇڏي آهي، ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، ميرپورخاص ۽ نوابشاهه سميت ننڍن وڏن شهرن مان ننڍا توڙي وڏا ماتمي جلوس برآمد، جڏهن ته سڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا، مختلف جلوسن جي فضائي مانيٽرنگ به ڪئي ويندي     

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *