ڀٽ شاهه: ڪربلا جي شهيدن جو چهلم ملهايو پيو وڃي، در مصطفيٰ ۽ در مرتضيٰ تان مرڪزي ماتمي جلوس برآمد

WhatsApp Image 2024-08-26 at 14.01.25_419ea9d2

ڀٽ شاهه ( رپورٽ: جمن چوهاڻ ) چھلم امام حسين عليه السلام انتھائي عقيدت ۽ احترام سان ملھايو پيو وڃي، مرڪزي جلوس مولانا امير حيدر، مولانا جواد ھادي، گل محمد حيدري ۽ مجاھد حسين شيخ جي اڳواڻي ۾ در مصطفيٰ ۽ در مرتضيٰ تان برآمد ڪيو ويو، جلوس اربعين واڪ ڪندي، درگاهه ڀٽائي تي پھتو، جتي دعا اربعين پڙھي وئي جلوس ۾ علماءِ ڪرام سميت ٻارن، نوجوانن، بزرگن ۽ عورتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري امام حسين عليه السلام سان محبت جو اظھار ڪيو آهي، جلوس جي گذرگاھن تي مختلف قسمن جون سبيليون لڳائي ننگر نياز تقسيم ڪيو پيو وڃي، عزادارن جو چوڻ آهي ته امام حسين عليه السلام جي شخصيت اھا شخصيت آھي جيڪا مڪمل انسانيت جي محبت جو مرڪز آھي، جنھن جو بھترين مثال اسان کي نجف کان ڪربلا جي مشي ۾ نظر اچي ٿو هنن چيو ته جيڪي ماڻهو ڪربلا ۾ نه ٿا پهچي سگھن اھي پنھنجي پنھنجي علائقن ۾ مشي جي نيت سان اربعين واڪ ۾ شرڪت ڪري ڪربلا جي شھيدن کي پرسو ڏين ٿا، هوڏانهن مرڪزي جلوس روايتي رستن کان ٿيندو درگاهه ڀٽائي تي پھتو جتي مولانا غلام شبير عابدي زيارت اربعين پڙھي ۽ اربعين واڪ جو اختتام ڪيو جڏهن ته سڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *