عثمان شاهه هڙي: ڳوٺ ابراهيم عاقلاڻي ۾ مرحوم مير عاقلاڻي جي وارثن سان تعذيت هلندڙ، مخدوم فخرالزمان جي تعذيت

WhatsApp Image 2024-08-25 at 21.16.43_2ecb0aac

عثمان شاهه ھڙي ( رپورٽ: اي جي عاقلاڻي ) ڳوٺ محمد ابراهيم عاقلاڻي ۾ مرحوم مير خان عاقلاڻي جي وفات تي سندس ڀائرن امام عاقلاڻي، غلام مصطفي عاقلاڻي، شبير عاقلاڻي ۽ ٻين سان تعذيت هلندڙ آهي ان موقعي تي مخدوم فخرالزمان زمان پهچي سندن سان تعزيت ڪئي ۽ گهري ڏک جو اظهار ڪيو ان موقعي تي مخدوم فخرالزمان ڳالهائيندي چيو ته مخدوم جميل الزمان جي بيان سان متفق ناهيان سنڌ ۾ ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ امن و امان جي صورتحال ڪافي بهتر آھي، پ پ ختم ناهي ٿي پ پ قيادت هميشه ملڪ جي ڀلائي ۽ بهتري جي ڳالهه ڪئي آھي، هن چيو ته سنڌ حڪومت سڀ کان پهريان برسات ۽ ٻوڏ متاثرن جي گهرن جي تعمير ڪئي، وڌيڪ رهيل گهرن جو ڪم به جلد مڪمل ڪيو ويندو، هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت امڪاني برساتن کي نظر ۾ رکندي سمورن ادارن کي هدايتون ڏئي ڇڏيون آهن، پ پ حڪومت ۽ اسان اڳ به عوام سان گڏ هئاسين هاڻ به گڏ آهيون، ڏکي وقت ۾ عوام کي اڪيلو نه ڇڏينداسين، انهي موقعي تي صفدر عاقلاڻي، عزت براهماڻي، يوسي چيئرمين آصف ڇٽو، ديوان پريم چند ۽ علي نواز ۽ ٻين شرڪت ڪئي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *