ٺاروشاهه: ڪربلا جي شهيدن جو چهلم عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو

WhatsApp Image 2024-08-25 at 12.54.19_8642d9be

ٺاروشاهه ( رپورٽ: نصير ابڙو ) هرسال جيان هن سال به انجمن شهداءِ ڪربلا طرفان مرڪزي امام بارگاهه سيد احمد شاهه بخاري ۾ ڪربلا جي شهيدن امام حسين عليه السلام ۽ سندس جانثارن جو چهلم نهايت عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو، جنهن ۾ نالي وارن عالمن  ذاڪرن سجاد علي مشهدي، صدام حسين نجفي، آفتاب احمد کوسو مجلس عزا برپا ڪئي جڏهن ته سنڌ جي مشهور نوحه خوانن سبطين حيدري مجاهد ناشاد، بختيار علي شيدي، باقر شيدي، منصور عباس، جعفر حسين کٽي ۽ ٻين نوحه خواني ڪئي جڏهن ته اعزادارن سينازني ڪئي  ۽ سبيلو ۽ ننگر نياز تقسيم ڪيو پروگرام ۾ سنڌ جي مختلف شهرن مان ماتمي دستا پهتا

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *