سجاول: ايس ٽي پي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي جي آمد، مختلف هنڌن تي تعزيتون
سجاول ( رپورٽ: سليم ملاح ) ايس ٽي پي چئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي ايس ٽي پي اڳواڻ ممتاز لغاري جي چاچي ۽ ايس ٽي پي ضلعي صدر جمن سنڌي جي ڀيڻ جي وفات تي تعزيت ڪئي ۽ گهري ڏک جو اظهار ڪيو هن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جيستائين عوام پنھنجي ووٽ جو صحيح استعمال نه ڪندي ترقي ممڪن ناهي، هن چيو ته آصف علي زرداري پٽيوالن کان منسٽرن تائين ڪرپشن ڪري رهيو آهي، تڏهن سنڌ جا حالات اهڙا آھن، هن وڌيڪ چيو ته اسان قومپرستن ھميشه سنڌ جي حقن جي ڳالهه ڪئي آهي، سنڌ جي ھر اشو تي اسان آواز اٿاريو آھي ۽ ھميشه سنڌ جي عوام جي مالڪي ڪندا رھندا سين
