شڪارپور: ريلوي اسٽيشن جي بجلي هڪ مهيني کان بند مسافر پريشان

WhatsApp Image 2024-08-25 at 21.36.13_037189be

شڪارپور ( رپورٽ: عاشق ڪلهوڙو ) ريلوي اسٽيشن جي بجلي هڪ مهيني کان بند سيپڪو شڪارپور جي نااهلي سبب مسافر ريلوي اسٽاف مشڪلاتن جو شڪار، ريلوي اسٽيشن ماسٽر جو چوڻ آهي ته بالا آفيسرن ۽ سيپڪو اختيارين کي شڪايت ڪئي آھي پر ڪو به تدارڪ ڪرڻ لاءِ تيار ناهي،هن چيو ته ريلوي اسٽيشن شڪارپور جو هڪ مهيني کان ٽرانسفارمر خراب پيل آهي، سخت گرمي سبب مسافرن کي تڪليف ٿئي ٿي، بجلي نه هئڻ ڪري پاڻي جي ٽانڪي به بند پيل آھي، رات جي وقت اونداهي جي ڪري وڌيڪ تڪليف ٿئي ٿي هن اختيارين کان نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪئي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *