سڳيون: ڪچي جي علائقن ۾ درياهه جي وهڪرن ۾ لاٿ نه آئي ڪيترائي ڳوٺ ٻڏل
سڳيون ( رپورٽ: نجيب ڪلهوڙ ) سڳيون جي ڪچي واري علائقي ۾ ٻوڏ جي وهڪرن ۾ لاٿ نه اچي سگهي، ڳوٺ گل خان ڪلھوڙو ڀرسان ايس ايم بچاءُ بند تي سماجي اڳواڻ بچل ڪلھوڙو، پ پ پ اڳواڻ سردار شاھنواز ڪلھوڙو جي ھدايت تي موڏ متاثرن لاءِ رليف ڪيمپ قائم ڪئي وئي، رليف ڪئمپ تي، کاڌ خوراڪ سميت پيئڻ جي پاڻي جو پڻ بندوبست ڪيو ويو، پ پ پ اڳواڻ شاھنواز ڪلھوڙو رليف ڪئمپ تي پهچي متاثرن جي مدد ڪرڻ جي هدايت ڪئي جڏهن ته هن ٻيڙي تي چڙھي ڳوٺ گل ڪلهوڙو، غلام شبير ڪلهوڙو، بکر ڪلهوڙو، الهوڌايو ڪلهوڙو سميت ٻين ڳوٺن ۾ وڃي ٻوڏ متاثرن کي يقين ڏياريو ته اسين اوھان سان هن ڏکي گهڙي ۾ گڏ آهيون
