ڪاهوٽا کان راولپنڊي ويندڙ بس کاهي ۾ ڪري پئي، 29 ڄڻا فوت
ڪاهوٽا کان راولپنڊي ويندڙ مسافر بس ڪلٽي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 29 ڄڻا فوت ٿي ويا.
مقامي ذريعن موجب حويلي ڪاهوٽا کان راولپنڊي ويندڙ بس کاهي ۾ ڪري پئي، حادثي جي نتيجي ۾ 29 ڄڻا فوت ۽ هڪ زخمي ٿي پيو.
پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته بس ۾ 30 ڄڻا سوار هئا، حادثي ۾ فوت ۽ زخمي ٿيندڙ سمورن ماڻهن جو تعلق آزاد ڪشمير سان آهي.
مقامي ذريعن موجب مسافر بس کي حادثو پناه پل ويجهو پيش آيو پر حادثي جا سبب اڃا تائين معلوم نه ٿي سگهيا آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته جبل لڳڻ سبب مقامي ماڻهن پنهنجي مدد سان فوتين ۽ زخمين کي بس مان ٻاهر ڪڍيو.
پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز ڪهوٽو ويجهو بس کاهي ۾ ڪري وڃڻ سبب قيمتي انساني جانين جي نقصان تي افسوس جو اظهار ڪندي سوڳوار خاندانن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو آهي.
ايس ايڇ او ٿاڻي جوڻيجو محمد ذڪا جو چوڻ هو ته بس کي حادثو آزاد پتن روڊ اولهڙ پل وٽ پيش آيو، حادثو جنهن هنڌ پيش آيو اها ڪهوٽو جي حد آهي، پوليس، ريسڪيو ۽ انتظاميه حادثي واري هنڌ تي موجود آهي. .
پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته بس حادثي ۾ فوت ٿيلن جا لاش ڪڍيا ويا آهن، فوتين جا لاش ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽر اسپتال کهڙو منتقل ڪيا ويا آهن، فوتين جي سڃاڻپ جو عمل جاري آهي.
