نيو سعيد آباد: ڳوٺ اڳرو راهو واسي نوجوان اٽي جي چڪي ۾ اچي فوت
نيوسعيدآباد ( رپورٽ: محبوب ڪاڪا ) نيو سعيد آباد ويجھو ڳوٺ اڳرو راھو ۾ 28 سالا نوجوان عمران پٽ حاجي ميھار راھو اٽي جي چڪيءَ ۾ ٽوال ڦاسڻ سبب مشين ۾ اچي فوت ٿي ويو، مڙهه تعلقا اسپتال آندو ويو جتان ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، مڙهه گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو
