نيو سعيد آباد: هالا ڪورٽ ۾ پسند جو پرڻو ڪندڙ ناري مبينا طور اغوا

WhatsApp Image 2024-08-25 at 11.32.09_096f169a

نيوسعيدآباد ( رپورٽ: محبوب ڪاڪا ) ويجھو ڳوٺ امين لاکو مان گھران نڪري ھالا ڪورٽ ۾ پسند جو پرڻو ڪندڙ نوجوان ناري خالده ماڇي کي مبينا طور ڊاٽسن ۾ سوار 10 کان وڌيڪ ھٿياربندن گھر ۾ داخل ٿي مارڪٽ ڪرڻ بعد اغوا ڪري کڻي ويا، ناري خالده ماڇي چار مھينا اڳ عبدالله ماڇي سان گھران نڪري ھالا جي ڪورٽ ۾ پسند جو پرڻو ڪيو ھو پريمي جوڙي مختلف شھرن نيوسعيدآباد ۽ سڪرنڊ جي پريس ڪلبن تي اغوا ۽ قتل جي خدشي جو اظھار ڪندي تحفظ جون اپيلون ڪيون ھيون، بٺو فاريسٽ ٿاڻي تي پسند جو پرڻو ڪندڙ نوجوان عبد الله ماڇي جي چاچي جي فرياد تي ناري خالده ماڇي جي پيءَ عيدن ماڇي ۽ ٻين تي اغوا جي رپورٽ داخل ڪئي وئي آھي، پوليس موجب جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ناڪا بندي ڪئي آھي کين جلد گرفتار ڪري ناري بازياب ڪرائي ويندي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *