مورو: ميونسپل ڪاميٽي ملازمن جو ٻن مهينن کان پگهارون نه ملڻ خلاف احتجاج
مورو ( رپورٽ: سرمد رضا مستوئي ) مورو ۾ ميونسپل ڪاميٽي جي ملازمن ڪم ڇڏ هڙتال ڪري مورو پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو، احتجاجي مظاهري جي اڳواڻي خادم شيخ، حاجي ڌمالي، سرائي نادر، ۽ ٻين ڪئي، مظاهرين مورو ميونسپل ڪاميٽي کان ريلي ڪڍي مورو پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو، اڳواڻن ڳالهائيندي چيو ته ٻن مهينن کان اسان ملازمن کي پگهارون ناهن ملي سگهيون، جنهن ڪري اسان ۽ اسان جا ٻچا فاڪاڪشي جي زندگي گذارڻ تي مجبور ٿي ويا آهيون، دڪاندارن کي راشن جا پئسا ناهيون ڏئي سگهيا جن ڪري انهن اسان کي راشن ڏيڻ بند ڪري ڇڏيو آهي جنهن سبب اسين بک ۽ بدحالي جو شڪار ٿي ويا آهيون، هنن چيو ته روزانو اسان کي دلاسا ڏنا پيا وڃن پر ٻه مهينا گذرڻ باوجود به هن مهل تائين اسان کي پگهار ناهي ملي سگهي وس وارا مامري جو نوٽيس وٺي اسان انصاف ڪن
