ميهڙ: سنڌو درياهه جي پاڻي ۾ مسلسل چاڙهه برقرار، درجن کان وڌيڪ ڳوٺ ٻڏي ويا

WhatsApp Image 2024-08-25 at 19.42.31_842b4d71

ميهڙ ( رپورٽ: عبدالرحمان چانڊيو ) ميهڙ تعلقي کان گذرندڙ سنڌو درياهه جي پاڻي ۾ مسلسل چاڙهه برقرار آهي، ڪچي جي ڪيترن ئي ڳوٺن کي سنڌو ندي جي پاڻي پنهنجي لپيٽ ۾آڻي ڇڏيو آهي، ڳوٺ ڌڻي بخش چانڊيو کان زمينداري بند ٽٽي پيو پاڻي ڪيترن ئي ڳوٺن ۽ فصلن کي ٻوڙي ڇڏيو، جڏهن ته ڳوٺ واحد بخش چانڊيو، ڌڻي بخش، غلام قادر چانڊيو، غني چانڊيو، مولوي ڳوٺ سميت ڪيترائي ڳوٺ ٻڏي ويا آهن، زمينداري بند کي 12 ڏينهن کان مختلف جاين تان ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ تحت مضبوط ڪندا رهيا، پر بند تي درياهه جي پاڻي جي چاڙهه سبب بند تي دٻاءُ وڌي ويو، بند کي ڳوٺ ڌڻي بخش چانڊيو وٽان 20 فوٽ گهارو لڳو جنهن سبب درجن کان وڌيڪ ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن، ٻئي طرف متاثر ڳوٺاڻا کليل آسمان هيٺان بندن تي ويٺل آهن

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *