ڪنڊيارو: مولانا عبيدالله سنڌي جي 80هين ورسي ملهائي وئي
ڪنڊيارو ( رپورٽ: عبدالوحيد چنا ) ڪنڊيارو ۾ سنڌ ساگر پارٽي ۽ سنڌي ادبي سنگت شاخ ڪنڊيارو پاران مولانا عبيدالله سنڌي جي 80هين ورسي جي موقعي تي سندس اڻٿڪ جدوجهند ۽ تاريخي ڪردار کي انقلابي لفظن جي ڀيٽا ڏيڻ جي لاءِ پريس ڪلب تي تقريب ڪوٺائي وئي جنھن ۾ ايڊووڪيٽ وزير احمد اڄڻ، عبدالجبار مڱريو، امداد ڪليري، ايڊووڪيٽ دلنواز مڱريو، غفار عباسي، استاد شريف مڱريو، فقير دين محمد گهانگهرو ۽ ٻين شرڪت ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي مولانا عبيدالله سنڌي پاران سنڌ ڌرتي لاءِ ڪيل خدمتن ۽ جدوجھد تي روشني وجھي کيس ڀيٽا پيش ڪئي
