عمرڪوٽ: ايس يو پي ضلعي اڳواڻ پٿورو پريس ڪلب پھچي سامارو جي سپروائيزر خلاف احتجاج ڪيو
عمرڪوٽ ( رپورٽ: جلال شر ) ايس يو پي ضلع عمرڪوٽ اڳواڻ حافظ محمد اسلم مھر ڳالھائيندي چيو ته روينيو ڊپارٽمينٽ سامارو جو سپروائيزر سوائي مل ميگھواڙ غريب مسڪين ماڻهن کي ٻنھي ھٿن سان ڦري رهيو آهي ھن جي ناجائزين خلاف جڏهن مون آواز بلند ڪيو ته ھو مون کي سخت نتيجا ڀوڳڻ سان گڏ موتمار ڌمڪيون ڏئي رھيو آهي هن چيو ته ھو وڏو ڪرپٽ ماڻهو آھي جنهن مختلف کاتيدارن کان کاتن جي ڀيٽ ۾ لکين روپيا وصول ڪيا آهن، هن وڌيڪ چيو ته هن رشوت جي پئسن مان پنهنجي رشتيدارن جي نالن سان عمرڪوٽ سميت ٻين شھرن ۾ ڪروڙين روپين جا بنگلا ۽ پراپرٽي ٺاهي آهي هن جو چوڻ هو ته ھي مسلسل مون کي موتمار ڌمڪيون ڏئي رھيو آھي مون کي ڪجهه به ٿيو ان جو ذميوار سوائي مل ميگھواڙ هوندو
