اوٻاوڙو: وزير اعليٰ پنجاب مريم نواز پوليس جو مورال وڌائڻ لاءِ  رحيم يار خان اسپتال پهچي وئي جتي هن ماڇڪو سانحي زخمين جي عيادت ڪئي

WhatsApp Image 2024-08-24 at 18.57.37_97e90400

اوٻاوڙو ( رپورٽ: قمبر بوهڙ ) وزير اعليٰ پنجاب مريم نواز رحيم يار خان جي شيخ اسپتال پهچي زخمي پوليس اهلڪارن وسيم ارشد، بلال، فاروق، نبيل شهزاد، زاهد، سعيد جي عيادت ڪئي ۽ زخمي جي صحتيابي لاءِ دعا ڪئي جڏهن ته وزير اعليٰ پنجاب مريم نواز زخمي نوجوان جي وارثن  سان پڻ ملاقات ڪئي آهي هن چيو ته جوانن جا حوصلا بلند آهن، هو ٻيهر بحال ٿيندا ۽ دشمنن سان وڙهندا رهندا، هن چيو ته پوليس اهلڪار ڀائر آهن، ڌاڙيلن کي بخش نه ڪيو ويندو، وڏي وزير مريم نواز اسپتال جي ڊاڪٽرن ۽ عملي جا مسئلا پڻ ٻڌا ۽ اختيارين کي مسئلا حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وزير اعليٰ پنجاب جي دوري دوران چيف سيڪريٽري زاهد اختر زمان، خاص مددگار راشد نصرالله، ايڊيشنل آءِ جيز، پوليس ۽ انتظامي عملدارن به وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *