سڳيون جي ڪچي واري علائقي ٻوڏ تباهي مچائي ڇڏي ڪيترائي ڳوٺ ٻڏي ويا، ٻيڙين جو بندوبست نه هئڻ ڪري رهواسي مشڪلاتن جو شڪار
سڳيون ( رپورٽ: نجيب ڪلهوڙو )سڳيون جي ڪچي کي ٻوڏ جي پاڻي ٻوڙي ڇڏيو آهي گذريل هڪ مهيني کان سڳيون جي ڪچي ۾ ٻوڏ تباهي مچائي ڇڏي آهي جڏهن ته ڪچي جا سمورا روڊ رستا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن ڪروڙين رپين جا فصل پڻ ٻڏل آهن ڪچي جي آبادگارن کي ڪروڙين رپين جو نقصان ٿي چڪو آهي، گذريل هڪ مهيني کان ٻوڏ جي پاڻي ۾ لاٿ نه اچڻ ڪري ماڻهو لڏ پلاڻ ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا، ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته هڪ طرف ٻوڏ واري صورتحال آهي ته ٻئي طرف برسات سبب سخت پريشان آهيون حڪومت توڙي ضلعي انتظاميا سميت تڪ جي چونڊيل نمائندن ڪا به مدد ناهي ڪئي، ڪچي ۾ ٻوڏ جي وهڪري ۾ تيزي باوجود سرڪاري ٻيڙيون متاثر علائقن تائين پهچي نه سگهيون، ڳوٺاڻن وٽ خانگي ٻيڙين جي ڀاڙي جي رقم نه هئڻ ڪري پنهنجي مدد پاڻ تحت وڏي وهڪري مان تري شهر طرف راشن خريد ڪرڻ لاءِ اچڻ تي مجبور آهن
