لاڙڪاڻو: پاڪستان سني تحريڪ طرفان اجلاس منعقد
لاڙڪاڻو ( رپورٽ: عبدالوحيد ابڙو ) پاڪستان سني تحريڪ طرفان اجلاس جو انعقاد ڪيو ويو آهي، نشتر پارڪ ۾ تاجدار ختم نبوت ڪانفرنس جي ڪاميابي لاءِ اجلاس رکيو ويو، اجلاس ۾ پاڪستان سني تحريڪ جي صوبائي اڳواڻ مولانا علي نواز قاسمي چيو ته اسان 6 سيٽمبر تي نشتر پارڪ ۾ ٿيندڙ پروگرام کي باقاعدگي سان ڪامياب ڪنداسين لاڙڪاڻي مان اسان جو قافلو 5 سيپٽمبر تي نڪرندو، هوڏانهن تقريب ۾ جنرل سيڪريٽري شمس الدين سروھي، حافظ عبدالغفار قاسمي، حافظ امام الدين قاسمي، مولانا رياض احمد قاسمي، وسيم قاسمي، حاجي روشن انڙ، عبدالستار منگي، گلاب کچي، عطاءُ الله ابڙو، خالد مگسي، عيسيٰ ڊومڪي سميت ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي
