ڪشمور: اي ايس پي آفيس ڀرسان نوجوان جو تشدد ٿيل لاش هٿ
ڪشمور ( رپورٽ: اقرار گل فراس ) اي ايس پي آفيس ڀرسان نوجوان جو تشدد ٿيل لاش هٿ اچڻ بعد علائقي واسين لاش ڏسي پوليس کي اطلاع ڪيو، پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺي سول اسپتال منتقل ڪيو آهي جڏهن ته اسپتالل ذريعن موجب نوجوان جي جسم تي تشدد جا بدترين نشان مليا آهن پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته تشدد ٿيل لاش جي سڃاڻپ ڪامران ملڪ طور ڪئي وئي آهي، ڪشمور ۾ وارثن لاش انڊس هاءِ وي روڊ تي رکي ڌرڻو هنيو ويو آهي
