ڪنڊيارو لڳ ڪمال ديرو جي بوائز ھائير سيڪنڊري اسڪول مان برساتي پاڻي نيڪال ڪرايو ويو
ڪنڊيارو ( رپورٽ: عبدالوحيد چنا ) يوسي شھمير ديرو جي وائيس چيئرمين ۽ پ پ جي مقامي اڳواڻ محبوب علي ابڙو ۽ پ پ پ يوسي شھمير ديرو جي صدر پيرل گوپانگ جي سربراهي ۾ ٽينڪر ذريعي برساتي پاڻي نيڪال ڪرائي صفائي ڪرائي وئي ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ ھو ته برساتي پاڻي بعد اسڪول ۾شاگردن جي تعليم متاثر ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ اسڪول مان برساتي پاڻي نيڪال ڪرايو آھي ته جيئن شاگرد پنھنجي تعليم بنا ڪنھن رڪاوٽ جي جاري رکن ۽ اڳتي وڌي ملڪ جو نالو روشن ڪري سگهن
