عثمان شاهه ھڙي: عاقلاڻي برادري جو معزز مير خان عاقلاڻي ڪراچي جي اسپتال ۾ علاج دوران فوت
عثمان شاهه ھڙي ( رپورٽ: اي جي عاقلاڻي ) عاقلاڻي برادري جو معزز مير خان عاقلاڻي ڪراچي جي خانگي اسپتال ۾ دل جي بائي پاس دوران فوت ٿي ويو جنهن جي جنازه نماز ۾ سردار ملڪ اسد سڪندر جي فرزند ملڪ احمد خان، ملڪ مجاهد خان، پ پ ايم پي اي سيد ضياءَ عباس شاهه رضوي، مولابخش ٿيٻو، نور محمد نظاماڻي، محمد قاسم ڪالرو، رئيس ملوڪ خان نظاماڻي سميت علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي جڏهن ته پوئنرن سان تعذيت جو سلسلو هلندڙ آهي
