سريلنڪا ۽ نيوزيلينڊ سيريز جي پهرين ٽيسٽ 5 بدران 6 ڏينهن جي ڇو ٿيندي؟ سبب ڄاڻو
سريلنڪا ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ٽيسٽ سيريز جي پهرين ميچ 5 بدران 6 ڏينهن تي مشتمل هوندي.
سريلنڪا ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ٽيسٽ ميچ ۾ آرام جو ڏينهن واپس آندو ويو، سريلنڪا ڪرڪيٽ نيوزيلينڊ خلاف ٽيسٽ سيريز جي شيڊول جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
نيوزيلينڊ جي ٽيم سيپٽمبر ۾ ٻن ٽيسٽ ميچن لاءِ سريلنڪا جو دورو ڪندي، ٻنهي ٽيمن وچ ۾ پهرين ٽيسٽ 6 ڏينهن تي مشتمل هوندي، پهرين ٽيسٽ ميچ 18 سيپٽمبر کان 23 سيپٽمبر تائين گال ۾ کيڏي ويندي.
سريلنڪا ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ٻي ٽيسٽ ميچ 26 سيپٽمبر کان گال ۾ کيڏي ويندي، ٻئي ٽيسٽ ميچون آءِ سي سي ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جو حصو آهن.
ميڊيا رپورٽس موجب سريلنڪا ۾ صدارتي چونڊن سبب ٽيسٽ ميچ کي 6 ڏينهن جي لاءِ رکيو ويو آهي، 21 سيپٽمبر کي ريسٽ ڊي قرار ڏنو ويو آهي
20 سالن ۾ پهريون ڀيرو ٽيسٽ ميچ 6 ڏينهن تي مشتمل هوندي، آخري ڀيرو 2008 ۾ بنگلاديش ۽ سريلنڪا وچ ۾ ٽيسٽ ميچ چونڊن سبب 6 ڏينهن تي مشتمل هئي.
