نيوسعيدآباد: ڊپٽي ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر ايڊمن پرائمري محمد رفيق ملاح پاران مختلف اسڪولن جا دوره

WhatsApp Image 2024-08-23 at 17.50.14_c3f55ae0

نيو سعيد آباد ( رپورٽ: محبوب ڪاڪا ) ڊي اي او پرائمري مٽياري صدف اڪبر ميمڻ جي هدايتن تي  ڊپٽي ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر ايڊمن پرائمري محمد رفيق ملاح تعليمي معيار، استادن ۽ ٻارڙن جي حاضري توڙي انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ مختلف اسڪولن جا دورا شروع ڪري ڇڏي، نئين مقرر ڊپٽي ڊي اي او پرائمري مٽياري صبح اٺ وڳي اردو پرائمري اسڪول نيوسعيدآباد ۾ اسيمبلي ۾ شرڪت ڪئي جنهن کان پوءِ ڪلاسن جو پڻ دورو ڪيو، تعليم کاتي جي آفيسر نيوسعيدآباد، بکر جمالي بوائز ۽ گرلز اسڪولن، خدابخش ڪاڪا بوائز ۽ گرلز اسڪولن سميت ڪيترن ئي اسڪولن جا دوره ڪري جائزه ورتا، ڊپٽي ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر ايڊمن پرائمري محمد رفيق ملاح چيو ته ڊي اي او پرائمري مٽياري جي خاص هدايتن تي اسڪولن جا دورا شروع ڪيا آهن هاڻ روزانو هڪ اسڪول ۾ اسيمبليءَ ۾ پهچندس، هن چيو ته ڊيوٽي جي پابند پڙهائيندڙ محنتي استادن لاءِ عزت آهي فرض شناس استاد تعليم کاتي جو سرمايو آهن

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *