ڪنڌرا: ڳوٺ واهه ٻرڙا ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ جهيڙي دوران زخمي ٿيل نوجوان فوت
ڪنڌرا: ( رپورٽ: راشد ڪانڌڙو ) ڳوٺ واهه ٻرڙا حاجاڻي محلا ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ ٻرڙا برادري جي ٻن ڌرين ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙو ٿي پيو هو جهيڙي ۾ منظور احمد ٻرڙو سخت زخمي ٿي پيو هو جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ گمبٽ جي گمس اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو جيڪو زخمن جا سور نه سهندي گمس گمبٽ اسپتال ۾ فوت ٿي ويو آھي جڏهن ته فوتي جو لاش ڪنڌرا سول اسپتال آندو ويو جتان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو ٻئي پاسي فوتي جي وارثن ڪنڌرا پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو، هوڏانهن ڪنڌرا پوليس جهيڙي جو ڪيس داخل ڪري هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي
