غوثپور: ڪرمپور ٿاڻي جي حد انڊس هائي وي تي اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ مزده ڊرائيور اغوا
غوثپور (رپورٽ: سعيد نصيراڻي) غوثپور انڊس هاءِ وي تي هٿياربندن جي گاڏين تي فائرنگ، فائرنگ سبب گاڏين جا ٽائر برسٽ، ڳوٺ الاھي بخش بجاراڻي واري علائقي ۾ اٺ کان وڌيڪ اڻڄاتل ھٿياربندن روڊ تي چڙھي ايندڙ ويندڙ مسافر گاڏين تي جديد ھٿيارن سان فائرنگ ڪئي، ڏوھارين ڪراچي کان پشاور ويندڙ مزدا تي فائرنگ ڪري گاڏي جا ٽائر برسٽ ڪري ڇڏيا ۽ مزدا جي ڊرائيور پشاور واسي ارشد پٺاڻ کي زبردستي اغوا ڪري ڪچي طرف کڻي فرار ٿي ويا، ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ ڪلينر واحد خان پٺاڻ زخمي ٿي پيو آھي جنھن کي ڳوٺاڻن ڪرمپور جي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، اطلاع ملڻ تي ضلعي ڪشمور جي مختلف ٿاڻن جي پوليس جي نفري واقعي واري ھنڌ پھچي وئي آهي ۽ علائقي کي گھيري ھيٺ آندو ويو آهي
